ڊاڪٽر رُٿ فاءِ

ڊاڪٽر رُٿ فاءِ

ڊاڪٽر رُٿ فاءِ

ڊاڪٽر رُٿ فاءِ (سوانح: ڪتاب): هي ڪتاب، سنڌ ۾ ڪوڙهه جي بيماريءَ تي اڌ صديءَ کان خدمتون سرانجام ڏيندڙ نامياري جرمن سماجي خدمتگار ڊاڪٽر رُٿ فاءَ جي سوانح ۽ ڪارنامن تي ڊاڪٽر ضياءِ مطاهر جي انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب: (My life, My Message: Dr. Ruth Pfau (Biography: 2004) جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو سنڌ جي نامياري اديب مراد علي مرزا ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر رُٿ فاءَ جي پيدائش، تعليم، مذهب، ذاتي زندگيءَ، ڪوڙهه جي مريضن لاءِ ڪيل سندس ڪاوشن کي 17 مضمونن ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ جرمنيءَ توڙي ٻين ملڪن جي سياسي ۽ سماجي حالتن تي به تفصيلي روشني وڌي وئي آهي. هي ڪتاب ٽي. آر. ڊي (T.R.D) حيدرآباد جي فينڪس بوڪس مان 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جو پيش لفظ ظفر جوڻيجي لکيو آهي. ڪچي جلد جي رنگين ٽائيٽل سان ڊيمي سائيز جي 123 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.


لفظ ڊاڪٽر رُٿ فاءِھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو